زاهده پروين

زاهده پروين

زاهده پروين

زاهده پروين (ملڪه ڪافي): نامور فنڪار زاهده پروين هندستان جي شهر امرتسر ۾ 1925ع ڌاري جنم ورتو. کيس گهر ۾ پيار مان شيرو سڏيندا هئا. هن موسيقيءَ جي ابتدائي تعليم بابا تاج ڪپور ٿله (سارنگي نواز) کان حاصل ڪئي، بعد ۾ امرتسر جي استاد حسين بخش خان جي شاگردي اختيار ڪيائين. پٽيالا گهراڻي جي مايه ناز فنڪار استاد عاشق علي خان جي به شاگردياڻي رهي. استاد جي وفات کانپوءِ سندس سکيا جو سلسلو ختم ٿي ويو. سندس وڏي ڀيڻ پيران دتي به سريلي فنڪار هئي. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ سندس خاندان امرتسر ڇڏي لاهور ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي نسيم بيگم ۽ فريده خانم سان ويجھڙائي ٿيس. زاهده پروين جي مادري زبان جيتوڻيڪ امرتسري پنجابي هئي، پر کيس سرائيڪي ڳائڻ ۾ به مهارت حاصل هئي. هوءَ خيال، ٺمري، دادرو، غزل ۽ گيت خوب ڳائيندي هئي، پر سندس شهرت ڪافي ڳائڻ سبب ٿي ۽ کيس ملڪهء ڪافي سڏيو ويو. زاهده پروين صوفي شاعر خواجه غلام فريد جي وڏي عقيدت مند هئي، کيس خواجه فريد جو اڪثر ڪلام ياد هو، اڪثر خواجه جي درگاهه تي حاضري ڀريندي هئي. قلندر لعل شهباز سان به گهڻي عقيدت هئس. سيوهڻ ۾ حاضريءَ جي موقعي تي پنهنجي جُتي اسٽيشن تي لاهي، پيرين پيادي درگاهه تي حاضر ٿيندي هئي. هن 50 سالن جي عمر ۾ 7 مئي 1975ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي. کيس مياني صاحب جي قبرستان ۾ سندس دوست نسيم بيگم جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.


لفظ زاهده پروينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو